شاهپور چاڪر ۾ ميرشهداد خان اول جو قبو

شاهپور چاڪر ۾ ميرشهداد خان اول جو قبو

شهداد خان جا قبا

شهداد خان جا قبا: تعلقي شهدادپور ۾، شاهپور چاڪر شهر کان چار ميل اتر اولهه طرف، شهدادپور جي باني مير شهداد خان بن هوتڪ خان جي مزار آهي. تربت پٿر جي ٺهيل آهي ۽ پٿر جي ٿلهي تي چار فوٽ کن مٿانهينءَ تي آهي. ساڳئي ٿلهي تي ان جي اولهه ۾ ٻه ٻيون بي نام قبرون به آهن. ٿلهي کي چوڌاري پٿر جو ڪٽهڙو، مٿان ڇٽي ۽ مٿي چڙهڻ لاءِ ڏکڻ پاسي پٿر جي ڏاڪڻ آهي. ٻاهران چوديواري ڏنل آهي، جنهن کي اڀرندي پاسي دروازو آهي. دروازي جي مٿان پٿر جي تختيءَ تي، مير شهداد جو نالو ۽ سندس وفات جو سال (1147هه) اُڪريل آهي.
مير شهداد خان جي مزار جي اردگرد، ميل کن جي گهيري ۾ ڪيئي قبا ۽ قبرون موجود آهن، جي اڪثر ٽالپرن جي خاندان جون آهن. ڳچ قبرن تي نالن جون تختيون به لڳل آهن. مقام ۾ ڪجهه ڪجهه فاصلي تي ٽي مسجدون زبون حالت ۾ موجود آهن، جن جي دروازن مٿان ٺهرائيندڙن جا نالا ۽ سن به ڏنا ويا آهن. ميرن جي مکيه قبرن ۽ مسجدن تي موجود ڪتبن ۾، عقيدت سبب، پهريان سندن مرشد ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو نالو اُڪريل آهي. (سجاڳ سانگهڙ، ص 49-51) ‘سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري’ تيار ڪندڙن الائي ڪيئن مير شهداد خان جي قبن کي، ضلعي نوابشاهه ۾ موجود ميان نور محمد جي قبرستان ۾ ڏيکاريو آهي. (ص 180-181)


هن صفحي کي شيئر ڪريو